رحيم خان پرانگ

رحيم خان پرانگ: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مهر لکيو آهي ته: ”ميان يار محمد خان ڪلهوڙي، سبيءَ تي پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد خان کي مقرر ڪيو هو، پر پوءِ کيس هٽائي پنهنجو پٽ دائود ڪلهوڙو مقرر ڪيائين. ميان دائود سبيءَ ۾ بيمار ٿي پيو، ان دوران خان پرانگ'>رحيم خان پرانگ، دولت خان پني ۽ يوسف بغاوت ڪئي. خان پرانگ'>رحيم خان پرانگ ساٿين سان رات جي اونداهيءَ ۾ سبي قلعي تي حملو ڪيو. حملي جو ٻڌي ميان دائود پالڪيءَ ۾ ويهي قلعي وٽ مقابلي لاءِ پهتو، پر رحيم خان، سبي ۽ ڍاڍر قلعن تي قبضو ڪري ورتو. ميان يار محمد اها خبر ٻڌي پنهنجي پٽ ميان نور محمد کي وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو. نورمحمد ڪلهوڙي سان مقابلي دوران رحيم خان ڀائرن ۽ ساٿين سميت جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. سندس بچيل ساٿي ڍاڍر جي قلعي ۾ وڃي لڪا، ان بعد نور محمد، سبيءَ جو قلعو هٿ ڪيو. هن 37 ڏينهن ۾ ڍاڍر تائين سڀ قلعا فتح ڪيا. هن واقعي تي مير عـبدالجليـل بلگراميءَ قطعه تاريخ لکي، جنهن مان واقعي جو سن ملي ٿو:
گذشت از سر جان رحيم و بگفتم
’ز داؤد شد فتح سيوي ڍاڍر‘.
1120هه


لفظ رحيم خان پرانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو